اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪ??ئونسل (ايس آءِ ايف سي) سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين جي معاشي هدفن کي حاصل ڪ??ڻ ۾ نگران حڪومت جي معاونت کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ ايس آءِ ايف سي جي قائم ڪيل معاشي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪ??ئونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو نائون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نگران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪ??ي. اجلاس ۾ مختلف وزارتن م??ڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان جاري منصوبن، پاليسي قدمن ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. ايپڪس ڪميٽي انهن منصوبن ۽ پاليسي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي مجموعي حڪومتي حڪمت عملي تحت مقرر ڪيل هدفن کي حاصل ڪ??ڻ ۾ مثبت ڪ??دار کي ساراهيو. ڪميٽي ملڪ جي معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن جو مجموعي طور تي جائزو ورتو ۽ انهن جي ڪاميابي کي خوش آئنده قرار ڏنو. ڪميٽي م??ڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ان جي صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ قدمن، افرادي قوت جي ترقي، مواصلاتي بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ مقامي تڪرارن جي حل لاءِ موثر طريقيڪار سان هڪ پائيدار نظام ٺاهڻ کي پڻ ساراهيو. ڪميٽي دوست ملڪن سان اقتصادي لاڳاپن تي اڳڀرائي جو جائزوو ٺندي انهن پاران سيڙپڪاري مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي پڻ ساراهيو. ڪميٽي اجلاس ۾ اسٽريٽجڪ ڪنالز ويزن 2030ع ۽ ايف بي آر سڌارن جي منظوري ڏني. آرمي چيف پاڪ فوج پاران م??ڪ ۾ معاشي استحڪام ۽ ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي بهتري جي لاءِ حڪومتي قدمن جي ڀرپور ساٿ جي عزم جو اظهار ڪيو. اجلاس جي پڄاڻي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪ??ئونسل، سمورين وزارتن، ادارن ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي معاشي هدفن کي حاصل ڪ??ڻ ۾ نگران حڪومت جي معاونت ۽ مستقبل جي لاءِ هڪ عمده مثال قائم ڪ??ڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪ??ئونسل جي قائم ڪيل معاشي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي.