اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زردار?? وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايڊوائيس تي 19 وزيرن جي مقرري ڪري ڇڏي آهي جن ۾ 18 وفاق?? وزير جڏهن ته هڪ مملڪت?? وزير هوندي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب صدر آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق هڪ تحت مليل اختيار استعمال ڪند?? وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائيس تي 13 وفاق?? وزيرن جي مقرري ڪئي آهي. انهن وفاق?? وزيرن ۾ خواج?? محمد آصف، احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، اعظم نذير تارڙ، چوڌري سالڪ حسين، عبدالعليم خان، ڄام ڪمال خان، انجنيئر امير مقام، سردار اويس احمد خان لغاري، عطاءُ الله تارڙ، خالد مقبول صديقي، قيصر احمد شيخ ۽ ميان رياض حسين پيرزاده شامل آهن. صدر آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق (1) تحت مليل اختيارن کي استعمال ڪند?? وزيراعظم جي ايڊوائيس تي سينيٽر اسحاق ڊار ۽ سينيٽر مصدق مل?? جن جي 12 ما??چ 2024ع تي سينيٽ آف پاڪستان جي ميمبرشپ ختم ٿي ويندي، آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق (9) تحت انهن جي بطور وفاق?? وزير مقرري ڪري ڇڏي آهي. صدر آرٽيڪل 92 جي شق (1) جنهن کي آرٽيڪل 91 جي شق (9) سان گڏ پڙهيو وڃي، تحت محمد اورنگزيب، احد چيما ۽ سيد محسن رضا نقوي کي پڻ وفاق?? وزير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. صدر آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق (1) تحت مليل اختيارن کي استعمال ڪند?? وزيراعظم جي ايڊوائيس تي شيزه فاطمه خواجه کي مملڪت?? وزير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهن سمورن وفاق?? وزيرن ۽ مملڪت?? وزير کان 11 مارچ تي صدر آصف علي زرداري حلف ورتو.