اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي)اڳوڻي وزيراعظم محمد نو??ز شريف چيو آهي ته ڊگهي جلاوطني کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ واپسي تي جذباتي ڪيفيت آهي، پنه??جي گهر واپسي ۽ پارليامين?? ۾ ??لف کڻڻ تي اڄ تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن قومي اسيمبلي ۾ چونڊيل ميمبرن طور حلف کڻڻ کانپوءِ گيٽ نمبر 5 تان واپسي جي موقعي تي ميڊيا سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو. هو پنه??جي ڌيءَ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نو??ز شريف سان گڏ روانو ٿي رهيو هو. نو??ز شريف چيو ته ملڪ کي سنگين چئلينجز درپيش آهن، هن وقت سڀني کي گڏجي ملڪ ۽ قوم کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هڪ سوال جي جواب ۾ تي نو??ز شريف جذباتي انداز ۾ چيو ته هڪ ڊگهي عرصي جي جلاوطني کانپوءِ اسيمبلي جي ميمبر جو حلف کڻڻ منه??جي لاءِ خوشي جو سبب آهي، هن چيو ته هي موقعو منه??جي لاءِ خوشي ۽ جذباتي ڪيفيت جو آهي. آئون ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ پرعزم آهيان، پاڪستان کي معاشي طور تي مستحڪم بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻنداسين.