اسلام آباد – 06 – مارچ (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل نه ملڻ جي سپريم ڪورٽ جي راءِ تي بلاول ڀٽو زرداري، نامزد صدر آصف ع??ي زرداري، پيپلزپارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته تاريخي غلطي جو ازالو مم??ن نه آهي پر سنگين غلطي جي اعتراف سان هڪ نئين تاريخ، هڪ نئين روايت قائم ٿي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف چيو ته عدالت کان ٿيندڙ زيادتي کي عدالت جو صحيح ڪرڻ مثبت اڳڀرائي آهي. هن چيو ته ڀٽو ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي متفقه راءِ قومي سطح تي تاريخ کي صحيح ڏس ۾ سمجهڻ ۾ مددگار ٿيندي. ماضي جي غلطين جي درستگي ۽ تلخين جي خاتمي سان ئي قومي اتحاد ۽ ترقي جو عمل تيز ٿي سگهي ٿو.