اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻ?? ڪميٽي جو اجلاس (اڄ) اڱاري تي اسلام آباد ۾ ٿي??دو جڏهن ته زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻ?? ڪميٽين جا اجلاس پنهنجن پنهنجن لاڳاپ??ل هنڌن تي ٿيندا. مذهبي م??املن واري وزارت جي ترجمان مطابق مرڪزي چنڊ ڏسڻ?? ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد ڪندو، اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزارت ۽ اسپارڪو جو مددگار عملو ۽ آفيسر پڻ شرڪت ڪندا. چنڊ ڏسڻ جي حوالي سان مرڪزي چنڊ ڏسڻ?? ڪميٽي جو چيئرمين سڄي ملڪ مان مليل شهادتن کي نظر ۾ رکندي حتمي اعلان ڪندو.