اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهرن کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ، بجلي جي پهچ نظام کي بهتر بڻائڻ، فعال ج??ڪو?? جي نجڪاري ۽ غيرفعال ج??ڪو?? جي نيلامي جو عمل تيز ڪرڻ ۽ بجلي جي ويلنگ جا اگهه گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اڳتي رڳو صاف ۽ گهٽ لاڳت وارا پن بجلي ۽ قابل تجديد توانائي جا پلانٽس هنيا ويندا، بجلي جي في يونٽ قيمت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي ش??بي جي حوالي سان قدمن تي اعليٰ سط??ي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، سردار اويس احمد خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، بجلي جي اڳوڻي وزير محمد علي، قومي اسيمبلي ميمبر بلال اظهر ڪياني، راڻا احسان افضل، سلمان احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهرن کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ بجلي جي پهچ نظام کي بهتر ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ اڳتي رڳو صاف ۽ گهٽ لاڳت پن بجلي ۽ قابل تجديد جا پلانٽ هنيا ويندا. اجلاس کي ٻاهرئين سيڙپڪاري تحت 600 ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي شمسي توانائي جي ان منصوبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوالي سان قدمن کي تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته بجلي جي ويلنگ جي اگهن کي گهٽ ڪيو وڃي ته جيئن صنعتي صارفين کي گهٽ لاڳت تي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿئي، صنعتي تري ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ وڏين صنعتن جي ويجهو گرڊ اسٽيشنون قائم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي، اهڙا بجلي گهر (ج??ڪو??) جيڪي فعال آهن انهن جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، اهڙا بجلي گهر (ج??ڪو??) جيڪي غيرفعال ۽ ناڪاره حالت ۾ آهن انهن جي نيلامي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته بجلي جي موجوده اضافي صلاحيت کي صنعتن ۾ بهتر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ تجويزون تيار ڪيون وڃن. وزيرا??ظم چيو ته عام ماڻهو جي لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، بجلي ش??بي جي گردشي قرضن ۾ گهٽتائي جي لاءِ شعبي جا ترجيحي بنيادن تي سڌارا جاري آهن. اجلاس کي بجلي ش??بي جي موجوده پيداوار ۽ پهچ نظام جي حوالي سان تفصيلن، حڪومتي قدمن ۽ تجويزن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي مستقبل ۾ بجلي جي کپت ۽ طلب جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته درآمدي ڪوئلي سان هلندڙ منصوبن کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ سان نه رڳو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچ??ئي سگهبو پر في صارفين جي لاءِ في يونٽ قيمت ۾ 2 رپيا گهٽتائي ممڪن ٿيندي. وزيرا??ظم سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.