اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ واپار، معيشت، سيڪيورٽي، دفاع، سماجي رابطن ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل ??عاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزارت عظميٰ جي عهدي تي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي ازبڪ پرڏيهي وزير ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف پاران وزيرا??ظم محمد شهباز شريف کي ازبڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. وزيرا??ظم ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ساڻس ملاقات جو منتظر آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ??اڪ??تان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپار، معيشت، سيڪيورٽي، دفاع، سماجي رابطن ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم محمد شهباز شري?? ازبڪستان سان ٻطرفي واپار ۽ ٻين منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ??اڪ??تان جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ازبڪستان کي ??اڪ??تاني بندرگاهن تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل مشاورت سان هڪ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ازبڪستان – افغانستان – ??اڪ??تان ريلوي منصوبي جي اهميت تي روشني وجهندي ان جي جلد تڪميل ??ي لاءِ ??اڪ??تان جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.