بيجنگ – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڙيسري ملڪ سان لاڳاپا وڌائڻ، ترقي جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ چي?? پاڪستان اقتص??دي راهداري کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ نين ٽيڪنالوجيز ۾ سهڪار وڌائڻ جي سلسلي ۾ اڱاري کان چي?? جو پنجن ڏينهن جو دورو شروع ڪيو آهي. چي??ي ماهرن موجب وزيراعظم جو مارچ ۾ پنهنجو ٻيو مدو سنڀالڻ کان پوءِ چي?? جو اهو پهريون دورو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد سميت سي پيڪ منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سهڪار کي هٿي ملندي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي چي?? جي دوري کان اڳ اسلام آباد ۾ چي??ي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چي?? ته اسان پنهنجي دوستي کي هماليه کان گهڻو اوچو ?? دنيا جي اونهي سمنڊ کان اونهو بنائڻ لاءِ سنجيده منصوبا آڻي رهيا آهيون. هن چي?? ته ”دوري ذريعي، پاڪستان ٻنهي ملڪن ۾ ڪاروباري ادارن وچ ۾ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ، گڏيل رٿائن، صنعتن ۽ ٽيڪنالوجيز جي منتقلي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ هڪ اپ گريڊيڊ سي پيڪ جي تعمير کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مينيوفيڪچرنگ پيداوار کي وڌائڻ لاءِ خاص اقتص??دي زون ۽ پاڪستان جي ليبر فائدن کي استعمال ۾ آڻڻ جي اميد رکي ٿو.“. چي??ي پرڏيهي وزارت جي اعلان مطابق وزيراعظم جو چي?? جو سرڪاري دورو اڱاري کان ڇنڇر تائين جاري رهندو. سنگهوا يونيورسٽي جي نيشنل اسٽريٽجي انسٽيٽيوٽ ۾ ريسرچ ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر ڪيان فينگ اڱاري ڏينهن گلوبل ٽائمز کي ٻڌايو ته مارچ ۾ وزيراعظم طور محمد شهباز شريف پاران پنهنجي ٻئي مدي شروع ڪرڻ بعد اهو سندس چي?? جو پهريون دورو آهي ۽ چي?? ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط ناتن کي وڌائڻ شهباز شريف جي ايجنڊا ۾ سرفهرست آهي. ڪيان چي?? ته سي پيڪ جي ترقي کي وڌائڻ ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالوجيز، اي ڪامرس ۽ ماحولياتي زراعت جهڙن نون شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار کي وسعت ڏيڻ دوري جو محور هوندو. بيجنگ ۾ قائم چائنا انٽرنيشنل پريس ڪميونيڪيشن سينٽر سان لاڳاپيل محقق ۽ پاڪستان جي سياسي تجزيه نگار محمد ضمير اسدي گلوبل ٽائمز کي ٻڌايو. ته وزيراعظم شهباز شريف جو وفاقي ڪابينا ۽ هڪ وڏي ڪاروباري وفد سان گڏ چي?? جي دوري عالمي برادري جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي ڇو ته اهو ٻطرفن ناتن کي هڪ نئين اوچائي تائين پهچائڻ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿي رهيو آهي. هن چي?? ته پهرين مرحلي ۾ سي پيڪ جي نمايان ڪاميابين جي بنياد تي ٻنهي ڌرين لاءِ منصوبي جي ٻئين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٺوس بنياد فراهم ڪندو جنهن سان پاڪستان لاءِ تمام گهڻن اقتص??دي فائدن جي توق?? آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته دهشتگردي سان مقابلي ۽ سي پيڪ جي سيڪيورٽي به وزيراعظم شهباز شريف جي موجوده دوري جو بني??دي محور آهي. لينزو يونيورسٽي ۾ بيلٽ اينڊ روڊ جي ريسرچ سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر زو يونگ بيائو گلوبل ٽائمز کي ٻڌايو ته دورو سيڪيورٽي جهڙن چي??ينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد کي وڌائڻ جو ڪم ڪندو. هن چي?? ته اهو دورو چي?? ۽ پاڪستان کي نئين سيڪيورٽي تصور تحت تعاون جي نون ماڊلز کي سگهه ڏيڻ ۽ سي پيڪ لاءِ مضبوط تعاون فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.