اسلام آباد-29 جون (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف فوري طور پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (پي ڊ??ليو ڊي) کي ختم ڪرڻ جو عمل شرو ڪرڻ ۽ ان عمل دوران ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پي ڊليو ڊي تحت جاري منصوبن کي لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو ويندو، سرڪاري تعمير ۽ مرمت لا??ِ عالمي معيار جي نجي ڪمپنين جو خدمتون ورتيون وينديون. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ کي ختم ڪرڻ ۽ ان جي متبادل حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، رياض حسين پيرزاده، احسن اقبال، احد چيمه، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم کي پي ڊ??ليو ڊي کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان لا??حه عمل ۽ ان جي متبادل جي حوالي سان ڪميٽي جون سفارشون پيش ڪيون ويون. اجلاس دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته فوري طور پي ڊ??ليو ڊي کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ختم ڪرڻ واري عمل دوران ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پي ڊ??ليو ڊي تحت جاري منصوبن کي لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو وين??و. ??رڪاري تعمير ۽ مرمت لا??ِ عالمي معيار جي نجي ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پي ڊ??ليو ڊي جي اثاثن جي انتظامن لا??ِ هڪ ايسٽ مينيجمينٽ ڪمپني جوڙي ويندي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي ڊ??ليو ڊي جي اثاثن جي رڪارڊ کي مڪمل طور تي ڊ??ٽلائيز ڪيو وڃي، پاڪستان جون معاشي حالتون ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جو وڌيڪ بار برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿيون رکن ان حوالي سان جاري عمل جي نگراني ۾ مان پاڻ ڪندس. اجلاس کي پي ڊ??ليو ڊي کي ختم ڪرڻ، جاري منصوبن تي عملدرآمد، پي ڊ??ليو ڊي جي متبادل ۽ تعمير ۽ مرمت لا??ِ نجي ڪمپنين جي خدمتن جي حاصلات جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ڊ??ليو ڊي تحت جاري منصوبن کي وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو وين??و. ??ڏهن ته پي ڊ??ليو ڊي کي ڪنهن به قسم جون نئون منصوبو نه ??نو وڃي. تعمير ۽ مرمت جو ڪم عالمي معيار جي نجي ڪمپنين کي آئوٽ سورس ڪيو وين??و. ??جلاس ۾ پي ڊ??ليو ڊي جي ملازمن جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم ان حوالي سان ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪندي هڪ قابل عمل ۽ جامع لا??حه عمل جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي جلد هن عمل کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو هن عمل جي پاڻ نگراني ڪندو.