اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عبدالستار ايڌي جي ورسيءَ تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته عبدالستار ايڌي سمورن فرقن کان ??ٿا??ه??ن ٿي انسانيت جي خدمت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته عبدالستار ايڌي جي پاڪس??ان ۽ انسانيت جي لاءِ بي مثال خدمت?? کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته عبدالستار ايڌي پاڪس??ان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي انسان دوست شخصيت هئي، هن سماجي خدمتن جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ نسل، مذهب، سماجي حيثيت سميت سمورن فرقن کان ??ٿا??ه??ن ٿي انسانيت جي خدمت ڪئي. صدر چيو ته عبدالستار ايڌي بي لوث جذبي سان سڄي ملڪ ۾ اسپتالن، يتيم خانن، پناهگاهن ۽ بحالي جي مرڪزن جو بنياد رکيو. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ عبدالستار ايڌي جي مغفرت ۽ ان جا درجا بلند فرمائي.