اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا جي عالمي ترقي واري اداري (يو ??يس ايڊ) ۽ پاڪستان جا اعليٰ تعليمي ادارا پاڪستاني يونيورسٽين ۾ شاگردن جي مدد جي خدمتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ڪري رهيا آهن، ان قدم جو مقصد شاگردن کي اڄ جي چٽاڀيٽي جي عالمي ماحول ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ لاءِ ضروري مهارتن سان ڳنڍڻو آهي. يو ??يس ايڊ جي هائير ايجوڪيشن سسٽم اسٽرينٿنگ ايڪٽويٽي (ايڇ اي ايس ايس اي) ذريعي رٿيل ٽئين سالياني اجلاس ۾ پاڪستان مان 16 شراڪتدار يونيورسٽين جي 100 کان وڌيڪ عهديدارن ۽ استادن شرڪت ڪئي. چئن ڏينهن جي سرگرمي آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط شراڪتداري کي اجاگر ڪري ٿي. هي شراڪتداري سمورن پاڪستانين لاءِ معياري اعليٰ تعليم تائين رسائي ۾ واڌ لاءِ ان جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪري ٿي. ان چئن ڏينهن واري سرگرمي جي افتتاحي سيشن جي صدارت پروفيسر ڊاڪ??ر بشريٰ مرزا، ميمبر (آر اينڊ ڊي) ايڇ اي سي يو ??يس ايڊ جي ڊپٽي مشن ڊائريڪٽر مورا اوبرا??ن سان گڏ ڪئي. ڊاڪ??ر بشريٰ مرزا يونيورسٽي تي ??اگردن جي احساس جو تعلق وڌائڻ جي ضرورت تي ??ور ڀريو ۽ شاگردن کي پنهنجي مستقبل جي تعين ۽ مستقبل ٺاهڻ لاءِ بااختيار بڻائين. هن وڌيڪ چيو ??ه ان سربراهي اجلاس ۾ پنهنجي موجودگي ۾ جامع ۽ مددگار ماحول پيدا ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو ??تي هر شاگرد ترقي ڪري سگهي. يو ??يس ايڊ جي ڊپٽي مشن ڊائريڪٽر مورا اوبرائن پنهنجي خطابن ۾ ملازمتي ??لاحيتن جي اهميت تي ??وشني وڌي. هن چيو ??ه ملازمتي ??لاحيتن کي هٿي وٺرائڻ کي ترجيح ڏئي يونيورسٽي جي شاگردن کي پنهنجا پيشيوراڻا فرض سٺي نموني سرانجام ڏيڻ ۽ جديد افرادي قوت جي گهرجن کي پورو ڪرڻ جي امڪانن کي وڌائڻ لاءِ بهتر طريقي سان تيار ڪري سگهي ٿي. هائير ايجوڪيشن سسٽم اسٽرينٿنگ ايڪٽوٽي جي سرگرمي آمريڪي يوٽاه يونيورسٽي ذريعي لاڳو ڪئي وڃي ٿي ۽ سڄي پاڪستان ۾ هائير ايجوڪيشن ۽ 16 شراڪتدار يونيورسٽين جي مدد ڪري ٿي، ان جو مقصد پاڪستاني مارڪيٽ کي نظر ۾ رکندي تعليم ۽ تحقيق کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اداره جاتي ??لاحيتن کي بهتر بڻائڻ آهي. سربراهي اجلاس ۾ مالي امداد شاگردن جي قائداڻي ڪردار، شاگردن جي مائيڪرو انٽر پرائيزز، ڪيريئر جي تياري، اڳوڻن شاگردن سان رابطو ۽ ذهني صحت سميت 6 موضوعاتي ??عبن جو احاطو ڪيو ويو ??يڪي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليمي ادارن جي مدد لاءِ ضروري آهن. آمريڪا پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي بهتري، استحڪام ۽ معياري تعليم ذريعي سمورن پاڪستانين کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ان سلسلي جا پهريان ٻه ساليانا اجلاس شاگردن جي خدمتن ۽ مالي امداد جي ترقي تي ٻڌل هئا.