اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نئين جوڙيل سينيٽ جي پر??يهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. پرڏيهي آفيس موجب ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير پاڪستان جي پر??ي??ي پاليسي ۽ ان جي ترجيحن خاص طور تي اسٽريٽجڪ، روايتي ۽ علائقائي حصيدارن سان گڏوگڏ گهڻ رخي تنظيمن خاص طور تي گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او، ڊي – 8 ۽ ٻين سان اعليٰ سطحي رابطن جي ڏس ۾ تفصيلي بريفنگ ڏن??ن. نائب وزيراعظم ڪميٽي جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا ۽ انهن کي حاصل ڪيل اهم هدفن سميت اقتصادي ۽ گهڻ رخي سفارتڪاري کان آگاهه ڪيو.