اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري يوم شهداءِ پوليس جي موقعي تي شهيد ٿي ??يل اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو، ته ??وم لاءِ حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ پوليس اهلڪارن جون قربانيون بي مثال آهن، ايوان صدر پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر مملڪت چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس اهلڪارن پاران ڏنل قرباني?? تي ??وم کي انهن مٿان فخر آهي، صدر مملڪت چيو ته پوليس جا جوان دهشتگردن ۽ ڏوهارين خلاف فرنٽ لائ?? تي وڙهندي جان جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن، دهشتگردي خلاف ڪاميابي ۾ پوليس فورس جو نمايان ڪردار آهي.صدر مملڪت چيو ته پوليس جا جوان ملڪ جي مختلف حصن ۾ سماج دشمن عنصرن ۽ دهشتگردن خلاف جنگ وڙهندي حياتين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن، پوري ??وم پاران شهيدن کي خدمتن ۽ قرباني?? تي سلام پيش ڪيان ٿو.