ڪوئٽا -05 آگسٽ (ا?? پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع ت??ري?? جو اهو ڪارو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن هندو انتهاپسند پارٽي بي ج?? پي ڀارت?? آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي ختم ڪن??ي ڪشمير جي خاص حيثيت جو خاتمو ڪيو. هن يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنج?? پيغام ۾ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي ڀارتي ظلمن جو نه رڪجندڙ سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ لکين بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو. ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪن??ي ڪشميرين جون زمينون کسي اتي انتهاپسند هندن کي آباد ڪيو پيو وڃي، مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ڪشميرين جي زندگين کي ڏکيو بڻايو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته عالمي برادري کي ڀارتي رياستي ادارن جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ڪشميرين کي سندن خودمختياري وارو حق ڏنو ڃي. وڏي وزير پاڪستانين کي اپيل ڪئي ته هو يوم استحصال ڪشمير تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن ۽ مظلوم ڪشميري ڀائرن جو آواز بڻجن.