اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقويءَ شهرين کي عالمي معيار جون تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ 200 ايڪڙن تي سڀ کان وڏي ماحول دوست چڙيا گ??ر ۽ سفاري پارڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. م??مو??ي طور تي 5 هزار جانور، پکي چڙيا گ??ر ۽ سفاري پارڪ ۾ رکيا ويندا. گهرو وزير جي صدارت هيٺ سي ڊي اي هيڊ ڪوارٽر ۾ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ چڙيا گ??ر ۽ سفاري پارڪ ٺاهڻ جي حوالي سان تجويزن جو جائزو ورتو ويو. سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا چڙيا گ??ر ۽ سفاري پارڪ ٺاهڻ واري پراجيڪٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ 2 هزار جانور ۽ پکي رکيا ويندا. گهرو وزير محسن نقوي چڙيا گ??ر ۽ سفاري پارڪ جي ورلڊ ايسوسيئيشن آف زو اينڊ ايڪوريم کان رجسٽريشن ڪرائڻ ۽ منصوبي سان سلهاڙيل معاملا جلد طئي ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته سمورن معاملن کي حتمي شڪل ڏني وڃي. آڪٽوبر ۾ چڙيا گ??ر ۽ سفاري پارڪ جو بن??اد رکيو ويندو. چڙيا گ??ر ۽ سفاري پارڪ سان اسلام آباد ??ي سياحت ۾ اضافو ??ين??و.