اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ ??ي احمد اسحاق ج??انگير جي لاءِ ??ول ايوارڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڊائريڪٽر جنرل احمد اسحاق ج??انگير کي اڻٿڪ خدمتن تي ستاره امتياز سان نوازيو ويندو. ايف آءِ ??ي پاران جاري ڪيل اطلاع موجب احمد اسحاق ج??انگير بطور ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ ??ي انساني اسمگلنگ، دهشتگردي، مني لانڊرنگ ۽ آن لائين جنسي هراسمينٽ جهڙن سنگين ڏوهن جي روڪٿام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ٻارن جي جنسي استحصال جي روڪٿام جي لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪندي سڄي ملڪ ۾ خصوصي سيل ٺاهيا ويا ۽ هن سائبر چئلين??ز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??المي ادارن سان مضبوط رابطو قائم ڪرڻ جي لاءِ ??هم ڪردار ادا ڪيو. احمد اسحاق ج??انگير 1992ع ۾ پاڪستان پوليس سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي، سندس تعلق 20 هين ڪامن سان آهي، هن پاڪستان ۾ سائبر ڪرائيم جي روڪٿام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آڻڻ جي لاءِ ??هم ڪردار ادا ڪيو آهي. بطور ايڊيشنل ڊي جي سائبر ڪرائيم ونگ احمد اسحاق ج??انگير جي قيادت ۾ ايف آءِ ??ي سائبر ڪرائيم جي خلاف موثر حڪمت عملي تيار ڪئي ۽ وقت سر قدم کنيا، توهان جي ڪوششن سان سائبر ڪرائيم ۾ ملوث عنصرن جي خلاف نمايان ڪامياب??ون حاصل ٿ??ون ۽ ڪيتر??ون ئي گرفتار??ون عمل ۾ آيون، توهان جي قيادت ۾ ايف آءِ ??ي انساني اسمگلنگ ۽ سوشل ميڊيا تي جعلي، اعتراض جوڳي، نفرت آميز مواد جي خلاف سخت قدم کنيا. احمد اسحاق ج??انگير عالمي سطح تي ايجنسي جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪيو ۽ عالمي ادارن سان تعاون کي فروغ ڏنو. ان کانسواءِ ??وهان جي خدمتن ۾ پوليس جي روايتي طريقن کي جديد طريقيڪار ۾ بدلائڻ به شامل آهي، توهان پوليس رولز 2017 – 2018ع جو مسودو تيار ڪيو، جنهن سان پوليس جي ڪم ڪرڻ جي طريقن ۾ بهتري آئي. احمد اسحاق ج??انگير کي شاندار ڪارڪردگي جي ڪري 1995ع ۾ صدر جي پوليس ميڊل سان پڻ نوازيو ويو. ڊي جي ايف آءِ ??ي احمد اسحاق ج??انگير کي سول ايوارڊ 23 مارچ 2025ع جي تقريب ۾ ڏنو ويندو.