اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز ج??رل لي چيائو منگ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪرڻ جي خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ج??رل سيد عاصم منير سميت سروسز چيفس ۽ پارليامينٽ ميمبرن شرڪت ڪ??ي. تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدار پڻ شريڪ ٿيا. ج??رل لي چيائو منگ کي پاڪ چين دفاعي لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو ويو آهي. تقريب ۾ ج??رل لي چيائو منگ جي چار ڏهاڪن جي ڪيريئر ۽ چيني فوج ۾ ان جي نمايان خدمتن جو ذڪر ڪيو ويو. ان جي ذهانت، انتظامي مهارت ۽ جذبي کيس هڪ بهادر ۽ قابل آفيسر طور تي ش??رت ڏني آهي جيڪو چين ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ?? اهم آهي. ج??رل لي چيائو منگ چين جي ڀرپاسي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي غيرمعمولي پيشيواراڻي مهارت جي لاءِ مشهور آهي. پاڪستان جي دوست جي حيثيت سان هن پختي عزم سان پاڪ چين فوجي لاڳاپن کي تمام گهڻو مضبوط ڪيو. سندس اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ صدر آصف علي زرداري ج??رل لي چيائو منگ کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي.