اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري وزارت قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ??هي ته ٽيلي ميٽري سسٽم نه هئڻ سبب صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي معاملن تي خدشا ڏٺا وڃن ٿا، حڪومت ٽيلي ميٽري سسٽم جو ٺيڪو ڏئي ڇڏيو ??هي جيڪو هر صوبي جي پاڻي حدن جي شروعات ۾ لڳايو ويندو. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران شرميلا فاروقي جي سوال جي جواب ۾ پيٽروليم ۽ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ??ه عالمي سطح تي گرين هائوس گيسز جي نيڪال ۾ واڌ ٿ?? رهي آهي. موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هاڻ ملڪ ۾ هيٽ ويو نظر نه اچ?? رهيو ??هي، صرف گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. هن چيو ??ه پهرين اپريل تائين 19 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڊائون ڪوٽڙيءَ تائين وڃي چڪو آهي. پنجاب ۾ واٽر ايڪٽ 2019ع منظور ڪيو ويو ??هي، ان تحت واٽر اٿارٽي بڻجي چڪي آهي. ڪي پي ڪي واٽر ايڪٽ 2020ع بڻجي چڪو آهي، اتي اٿارٽيز بڻج?? رهيون آهن. بلوچستان ۾ 1973ع جو عمل لاڳو آهي، ان تحت زمين وارو پاڻي ڪنٽرول ٿئي ٿو. سنڌ ۾ اڃا تائين ان حوالي سان ڪو قانون منظور نه ٿي سگهيو. اسان ڪوشش ڪر?? رهيا آهيون ته سنڌ ۾ به قانونسازي ڪئي وڃي. هن چيو ??ه اسان وٽ زمين واري پاڻي جي حوالي سان صورتحال بهتر ناه??. ص??بن سان گڏجي زمين واري پاڻيءَ جي حوالي سان مسئلا حل ڪر?? رهيا آهيون. نواب محمد يوسف ٽالپر ۽ خورشيد احمد جوڻيجو جي ضمني سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ??ه سنڌ جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ ئي ڊيمون ٺهنديون. سنڌ کي پاڻيءَ جو پورو حاصل مل?? رهيو ??هي. اتي ٽيلي ميٽري سسٽم ناهي لڳل. ان لاءِ صوبن وچ ۾ ان حوالي سان خدشا ڏٺا وڃن ٿا. ٽيلي ميٽري سسٽم جو ٺيڪو ڏنو ويو ??هي جيڪو هر صوبي جي حدن جي شروعات ۾ لڳايو ويندو.