ڪوئيٽا – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي مڪاني کاتي جو وزير ۽ چيف سردار سرفراز چ??ڪر خان ڊومڪي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪجهه عرصي کان بيمار هو. فيملي ذريعن ??طابق سردار سرفراز چ??ڪر خان ڊومڪي 10 ڏينهن کان ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، هو ڦڦڙن ۽ گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هو. سردار سرفراز چ??ڪر خان ڊومڪي جي ڀاءُ هربيار ڊ??مڪي جو چوڻ آهي ته سردار سرفراز چ??ڪر ڊ??مڪي جو مڙهه ڪراچي کان لهڙي منتقل ڪيو پيو وڃي، سردار سرفراز چ??ڪر ڊ??مڪي جي تدفين لهڙي جي اباڻي قبرستان ۾ ٿيندي. سردار سرفراز چ??ڪر ڊ??مڪي جو واسطو پيپلزپارٽي سان هو جيڪو پي بي 8 سبي تان ڪامياب ٿيو هو. سردار سرفراز چ??ڪر ڊ??مڪي مختلف دور ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جو حصو رهيو آهي ۽ ايس اينڊ جي اي ڊي سميت ٻين کاتن جو صوبائي وزير رهيو هو. اڳ??ڻي صوبائي وزير مرحوم سردار چاڪر خان ڊومڪي جي 2007 ۾ وفات بعد سردار سرفراز چ??ڪر خان ڊومڪي کي ڊومڪي قبيلي جو سردار چونڊيو ويو هو.