اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت محمد ﷺ ر??ند?? دنيا تائين انسانيت جي لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي، سندن سيرت طيبه اسان کي زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿي، موجوده دور ۾ درپيش چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ بحيثيت قوم ۽ بحيثيت مسلمان امت اسوه حسنه کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر 12 ربيع الاول 1446هه / 2024ع جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ ڪي??. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پوري قوم کي 12 ربيع الاول جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏي??دي چيو آهي ته الله تعاليٰ هن مبارڪ مهيني ۾ اسان کي پنهنجي محبوب خاتم النبيين حضرت محمد ﷺ جي ولادت جي صورت ۾ عظيم نعمت عطا فرمائي. پاڻ ﷺ ر??ند?? دنيا تائين انسانيت جي لاءِ هدايت جو سرچشمو آهن. هي ڏي??هن هر مسلمان جي دل ۾ عشق رسول ﷺ جو ڏيئو روشن ڪري ٿو ۽ اسان کي ان پيغام جي ياد ڏياري ٿو جيڪو ظلمت کي مٽائي نور جو مينار بڻيو. صدر چيو ته الله تعاليٰ رسول الله ﷺ جي زندگي کي اسان جي لاءِ بهترين نمونو قرار ڏنو. پاڻ ﷺ جي سيرت طيبه اسان کي زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿي. پاڻ ﷺ عدل ۽ انصاف تي ٻڌل معاشرو قائم ڪي?? جتي هر ماڻهو، ڀلي اه?? امير هجي يا غريب، عزت ۽ وقار سان رهي سگ??ند?? هو. صدر چيو ته رسول الله ﷺ ارشاد فرمايو ته بهترين انسان اه?? آهي جيڪو ٻين کي نفعو پهچائي جيتوڻيڪ هن مبارڪ موقعي تي اسان کي نبي اڪرم ﷺ جي انسانيت سان محبت ۽ همدرديءَ جي پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڻ ﷺ سدائين ٻين جي مدد ۽ نصرت جو درس ڏنو. يتيمن جو خيال هجي، غريبن جي مدد هجي يا بيمارن جي تيمارداري، پاڻ ﷺجي زندگي هر لمحي انسانيت جي خدمت جو عملي نمونو آهي. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي پيغام کي ڦهلائڻو آهي جيڪو محبت، رواداري ۽ انساني حقن جو ضامن آهي. هنن هر انسان، ڀلي اه?? مسلمان هجي يا غيرمسلم هجي سان احترام ۽ عزت جو سلوڪ ڪي??. اسان کي به انهي جذبي تحت سڄي دنيا ۾ ڀائيچاري، عدل ۽ محبت کي فروغ ڏيڻو آهي. صدر چيو ته اچو هن مبارڪ ڏي??هن کي انسانيت جي ڀلائي جي لاءِ وقف ڪريون ۽ نبي اڪرم ﷺجي تعليم کي پنهنجي عمل جو حصو بڻايون. منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن رکي ۽ اسان کي نبي ڪريم ﷺ جي سيرت طيبه تي عمل پيرا ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي.