اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) روسي فيڊريشن جو نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ پاڪستان جي سرڪاري دوري جي پڄ??ڻي کانپوءِ اسلام آباد کان وطن روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) شفقت علي خان ۽ روسي فيڊريشن ۾ پاڪستان جو سفير محمد خالد جمالي روسي فيڊريشن جي نائب وزيراع??م کي رخصت ڪرڻ جي لاءِ اسلام آباد ايئرپورٽ تي موجود هئا.