اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف ??ان ڳالهه ٻولهه دوران چين پاران مسلسل تعاون فراهم ڪرڻ تي ٿورائتا آهيون، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد ??ان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات سميت گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي 75 هين يوم تاسيس ج?? موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي حڪومت ۽ عوام کي يوم تاسيس ج?? مبارڪباد ڏيندي چيو ته چين جو يوم تاسيس ملهائڻ خوش آئ??ده آهي، چين د??يا جي سپر پاور آهي، د??يا ان کانسواءِ اڳتي نه ٿي وڌي سگهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي هماليه کان اونچي ۽ سمنڊ کان گهري آهي، تازي چين جي دوري دوران صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت پاران گرامجوش آجيان تي ٿورائتو آهيان. ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تمام گهڻا مضبوط آهن. هن چيو ته آءِ ايم ايف ??ان ڳالهه ٻولهه دوران چين هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون، زراعت ۽ صنعت جي شعبن سميت معيشت کي مضبوط ڪرڻ کانسواءِ ا??ان د??يا ۾ مقام حاصل نه ٿا ڪري سگهون، پاڪ چين دوستي جو مقصد نه رڳو خطي ۾ ترقي، امن پر شي جن پنگ جي ويزن تحت سڄي د??يا ۾ ترقي ۽ امن کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان هانگ ڪانگ تائيون ۽ ٻين عالمي معاملن تي چين جي موقف جي حمايت ڪري ٿو، سي پيڪ جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون جنهن ??ان پاڪستان جي معيشت کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد ??ان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي معدنيات سميت ٻين گڏيل مفاد جي شعبن ۾ تعاون جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان چين جي اهم مفادن جو حامي آهي، ا??ان چين جي وزيراعظم جي ايندڙ مهيني پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون، هو ايس سي او پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو ۽ ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، ا??ان خوشحال پاڪستان ۽ چين جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. ان موقعي تي چين جي سفير زيانگ زيڊونگ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صدر شي جن پنگ چين جي سماجي ۽ معاشي ترقي تي ٻڌل نئين شعبن جو بنياد رکيو. چيني صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿي، چين محروم ۽ پٺتي پيل معاشري مان خوشحال معاشري جي راهه تي گامزن ٿيو، چين جي ترقي کي د??يا کان جدا نه ٿو چئي سگهجي. تقريب کي صدر آصف علي زرداري پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ اچڻ تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا ترانا پڻ وڄايا ويا. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي 75 هين يوم تاسيس ج?? ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.