اسل??م آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس مالم جبا ۽ سوات ۾ پوليس وين تي ده??تگرد ح??لي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته آچر ڏينهن مالم جبا ۽ سوات جي دوري کانپوءِ اسل??م آباد ويندڙ سفارتڪارن جي هڪ گروپ هڪ واقعي جو مشاهدو ڪيو. ترجمان چيو ته ان واقعي ۾ هڪ ايڊوانس اسڪائوٽ پوليس جي گاڏي کي آءِ اي ڊي سان نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ترجمان چيو ته سفارتڪارن جو اهو گروپ حفاظت سان اسل??م آباد پهچي ويو آهي. ترجمان چيو ته اسان جون همدرديون ان واقعي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار ۽ ٽ??هي زخمين جي وارثن سان گڏ آهن. هن چيو ته اسان پنهنجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو احترام ڪريون ٿا جيڪي ده??تگردن آڏو ثابت قدم رهن ٿا. اهڙي طرح جا قدم پاڪستان کي ده??تگردي خلاف جنگ جي عزم کي روڪي نٿا سگهن.