اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مٿاهين، وچولي پنجاب، اتر اوڀر بلوچست??ن، خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن/ جهڪ هلڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران خيبر پختونخوا جي مٿاهين وارن علائقن ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن ??ي تيز برسات/ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي جڏهن ته م??ڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران م??ڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد سکر، سڪرنڊ، لسٻيله، خيرپور، مٺي، تربت ۽ دادو ۾ 39 ڊگري سينٽي گري?? رڪارڊ ڪيو ويو.