نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ۽ عالمي بئنڪ جي صدر اجي پال سنگهه بنگا ويزن 2025ع ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن موجب پاڪستان ??ي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ??زي??اعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي صدر اجي پال سنگهه بنگا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي ??زي?? سينيٽر محمد اورنگزيب پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات دوران ??زي??اعظم عالمي بئنڪ پاران پاڪست??ن حڪومت سان اقتصادي سڌارن، غربت ۾ گهٽتائي ۽ بنيادي ڍانچي ??ي ترقي سميت پاڪستان جي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي ساراهيو. ??زي??اعظم عالمي بئنڪ جي صدر کي حڪومت جي پاليسي، انتظامي ۽ تنظيمي سڌارن جي حوالي سان کنيل قدمن بابت ٻڌايو. هن ٻڌايو ته حڪومت توانائي، ماليات ۽ اوڳاڙين جي شعبن ۾ سڌارا آندا آهن. هن چيو ته پاڪست??ن حڪومت معاشي سڌارن ??ي تڪميل جي لاءِ عالمي بئنڪ پاران تعاون جي آجيان ڪندو. هن پاڻي نظام، توانائي ۽ انساني ترقي سميت پاڪستان ??ي ترقياتي منصوبن جي لاءِ جديد مالياتي حل ڳولڻ تي زور ڏنو. ??زي??اعظم ۽ عالمي بئنڪ جي صدر ويزن 2025ع ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن موجب پاڪستان ??ي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.