اسلام ??باد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ بيلاروس جو وزيراعظم رومان گولوف چينڪو گذريل ڏينهن ا??لام ??باد پهچي ويو آهي. نور خان ايئر بيس تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ٻين ا??ليٰ سول ۽ ف??جي اختيارين سندس ريڊ ڪارپيٽ آجيان ڪئي. ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارن معزز مهمان کي گلدستا پيش ڪيا.
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خير سگالي جون ڳالهيون به ٿيون. بيلاروس جي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به هو. واضح رهي ته شريڪ ملڪن جا نمائندا اڳ ئي شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ مهمانن جي آجيا?? لاءِ سڄي شهر کي رنگ برنگي روشنين ۽ گلن سان سجايو ويو آهي ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جا جهنڊا به لڳايا ويا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو.