اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان چين جي وزيراعظم لي چيانگ ملاقات ڪئي آهي. ايوا?? صدر ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ معيشت، سيڙپڪاري ۽ علائقائي رابطن سميت اهم شعبن ۾ ٻطرفو اسٽريٽجڪ تعاون وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ويو ته ٻئي ملڪ پاڪ – چين اقتصادي لنگهه منصوبن تي عملدرآمد تيز ڪن. ايوا?? صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب ان ??وقعي تي صدر چيو ته چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم جز آهي، ه?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪ چين لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي وڌيڪ گنجائش موجود آهي. صدر واپاري ۽ عوامي رابطا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ رستن جي ذريعي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته چيني ڪمپنين کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري سان ??اڪستان ۾ موجود موقعن مان ??ائدو کڻڻ گهرجي.
هن چيو ته سي پيڪ ۽ گوادر پورٽ جي مدد سان چين جي اقتصادي ترقي مان ڀرپور فائدو کڻڻ جو وقت اچي ويو آهي. صدر کيس ٻڌايو ته هو هلندڙ سال نومبر ۾ چين جو دورو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، ه?? پراڻي دوستن سان رابطا قائم ڪرڻ ۽ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جو منتظر آهي. صدر ملاقات دوران ??نهنجي حڪومت جي دور ۾ چين جي ڪيل گذريل دورن تي روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان کي گڏيل اهميت جي اهم مسئلن تي چين جي سدائين مستقل حمايت حاصل رهي آهي. هن دهشتگرد حملي ۾ ٻن چيني شه??ين جي مارجڻ تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهو دل ڏکوئيندڙ واقعو پوري قوم جي لاءِ تڪليف جو سبب بڻيو. صدر چيو ته پاڪ چين دوستي جا دشمن چيني شه??ين کي نشانو بڻائي ٻطرفا لاڳاپا خراب ڪرڻ ۽ سي پيڪ منصوبن کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. صدر چيو ته دشمن پنهنجي ڪڌي ڪوششن ۾ ڪامياب نه ٿيندا، ه?? ڏوهارين کي مثالي سزا ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري ايوا?? صدر ۾ عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي چيانگ جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو، وزيراعظم محمد شه??از شريف ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پڻ مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي.