اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) صحافين، ماهرن ۽ شهرين طرفان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ڪانفرنس جي رٿجڻ کي شاندار سفارتي ڪاميابي ۽ علا??قا??ي تعاون ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري ان حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته اقتصادي تعاون تي شنگهائي تعاون تنظيم جي توجهه علا??قا??ي رابطن ۽ خوشحاليءَ لاءِ پاڪستان جي ويزن مطابق آهي. پرڏيهي معاملن جي ماهر اسد الله خان پي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ايس سي او ڪانفرنس علا??قا??ي تعاون، اقتصادي ۽ پُرامن ترقيءَ لاءِ هڪ مثبت سُڃاڻپ قائم ڪئي آهي جنهن سان عالمي معاملن ۾ هڪ مُک ڪردار جي طور تي تنظيم جي ڪردار کي تقويت ملندي. هن ان ڳالهه جي تعريف ڪئي ته ايس سي او جي م??مبر ملڪن تعاون جي هڪ نئين دؤر جي شروعات ڪئي جنهن ۾ اقتصادي ترقي، علا??قا??ي سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ آهي. اسلام آباد جي هڪ شهري محمد اسلم چيو ته سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي پُرامن بيانيي کي وڌايو پيو وڃي جيڪو هڪ مثبت قومي سُڃاڻپ کي هٿي ڏيڻ آهي. هڪ ٻئي نوجوان چيو ته پاڪستان جي پُرامن چهري کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم جو پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي، اهڙو وڻندڙ منظرنامو تيار ڪيو پيو وڃي جيڪو مثبت عالمي اميج کي هٿي ڏئي ٿو. ڪراچيءَ جي صحافي وقاص باقر چيو ته اقتصادي تعاون ۽ علا??قا??ي سلامتي تي ايس سي او جي توجهه هڪ سٺي تبديلي آهي جيڪا ميمبر ملڪن کي اهم مسئلن کي م??نهن ڏيڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي. ڪراچيءَ ۾ رهندڙ هڪ ٻئي صحافي عبدالرزاق تبصرو ڪندي ٻُڌايو ته هڪ صحافي طور تي مان ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ماڻهن کان ماڻهن جي م??اسٽا ۽ ثقافتي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايس سي او جي ڪوششن کان پڻ متاثر آهيان. ايريا اسٽڊي سينٽر ??شاور جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ??حمد خان چيو ته ايس سي او جي ڏکڻ ايشيا ۾ توسيع علا??قا??ي ڀائيوارن سان پاڪستان جي لاڳاپن کي مضبوط ڪن ٿا. هڪ شاگرد فيس بڪ تي پوسٽ شيئر ڪندي چيو ته ايس سي او جي سيڙپڪاري جا قدم پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪري سگهن ٿا.