اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته ايڪسپو سينٽر لاهور ۾ منعقد ٿيل نمائش فوڊ اي جي مينوفيڪچرنگ ۾ شرڪت لاءِ 5 نومبر تائين درخواستون جمع ڪرائي س??هج?? ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق 3 ڏينهن واري نمائش لاهور جي ايڪسپو سينٽر ۾ 5 کان 7 ڊسمبر تائين جاري رهندي جنهن ۾ فوڊ سپلاءِ چين سالوشن، فوڊ پروسيسنگ، فوڊ آٽوميشن اينڊ ڪنٽرول، ايگري ٽيڪ، فوڊ سيفٽي اينڊ ڪوالٽي، ليبلنگ ۽ سپلاءِ جي اوزارن، ويئر هائوس مينيجمينٽ سسٽم سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ ا??ار?? پنهنجون مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪ??ڻ سان گڏو گڏ ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري س??هج?? ٿا.