اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪشم??ري اڳواڻ محمد ياسين ملڪ جي خراب ٿيندڙ صحت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جيڪو نئين دهلي جي تهاڙ جيل ۾ خراب حالت ۽ ناڪافي طبي امداد جي خلاف احتجاج طور بک هڙتال ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته فرضي ڪيسن ۾ ڦاس??ئڻ کانپوءِ محمد ياسين ملڪ گذريل ڪيترن ئي سالن کان جيل ۾ بند آهي ۽ کي?? موت جي سزا درپيش آهي. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن کان مطالبو ڪ??يو?? ٿا ته محمد ياسين ملڪ کي مع??اري طبي امداد فراهم ڪئي وڃي ۽ کي?? فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.