رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ عيرمشروط جنگبندي، ا??صا?? جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد ۽ اسر??ئي?? کي هٿيارن جي فراهمي تي فوري پابندي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جنگي ڏوهن تي اسر??ئي?? جو گهيراءُ ڪيو وڃي، ان جي گڏيل قومن جي ميمبرشپ جامع نظرثاني جي گهرجائو آهي، معصوم فلسطينين کي بنا دير امداد جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، پاڪستان فلسطيني عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب – اسلامڪ غيرمعمولي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ غزه ۽ فلسطين سميت وچ اوڀر جي صورتحال تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم پنهنجي خطاب جي شروعات قرآن پاڪ جي آيت مبارڪه سان ڪئي. هن خادم حرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان کي عرب – اسلامڪ غيرمعمولي سربراهه اجلاس منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته گذريل هڪ سال کان غزه ۽ والاريل فلسطين ۾ بک، افلاس ۽ ڏڪار درپيش آهي، غزه تي اسر??ئي?? جارحيت جون سموريون حدون پار ڪري چڪو آهي، هزارين ماڻهو شهيد جڏهن ته لکين بي گهر ٿي چڪا آهن، اسپتالن کي زخمين سميت اڏايو پيو وڃي، فلسطينين جي خلاف تازي ڏا?? کي ميڊيا ۽ ا??صا?? جي عالمي عدالت نسل ڪشيءَ قرار ڏئي چڪا آهن، ان صورتحال تي عالمي برادري ڪيست??ئي?? اکيون بند رکندي. وزيراعظم چيو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان اسر??ئي?? جي هٿان عالمي قانونن ۽ قدرن جون پائماليون جاري آهن، انسني بنيادن تي تسلسل سان جنگبندي ۽ انساني ريليف جي فراهمي ۽ تحفظ جا مطالبا ڪيا پيا وڃن جڏهن ته غزه ۾ رهواسين سميت گهرن کي اڏايو پيو وڃي، ان صورتحال جي باوجود اسر??ئي?? کي جديد ترين هٿيارن جي فراهمي جاري آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ان جي غيرمشروط حمايت ۽ تحفظ جاري آهي، عالمي انساني قانون به مظلومن جي خلاف اهڙن قدمن جي اجازت نه ٿا ڏين. وزيراعظم چيو ته غزه رت سان رڱيل آهي ۽ عالمي برادري خاموش تماشائي بڻيل آهي. وزيراعظم فلسطين جي خودمختياري جي حق جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي حمايت جاري رکندو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي ۽ جنهن جون سرحدون 1967ع کان اڳ واريون هجن، اهو ئي مقدس سرزمين ۾ پائيدار امن ۽ ا??صا?? جي ضمانت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ايران تي تازي اسر??ئي??ي حملن جي ??ذم?? ڪري ٿو جيڪي ان جي سالميت ۽ علائقائي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي، پاڪستان لبنان ۾ اسر??ئي??ي فوجي جارحيت جي پڻ ??ذم?? ۽ اتان جي معصوم ماڻهن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته غزه ۾ فوري جنگبندي وقت جي ضرورت آهي، اسر??ئي?? امداد جي بندش کي بطور هٿيار استعمال ڪري رهيو آهي، معصوم فلسطنين بنا دير خوراڪ، دوائن جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو، آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جو قيام ضروري آهي، اسر??ئي?? جي توسيع پسنداڻي ارادن سان امن کي خطرا آهن، اسر??ئي?? کي هٿيارن جي فراهمي تي فوري پابندي هنئي وڃي، جنگي ڏوهن تي اسر??ئي?? کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، غزه بابت ا??صا?? جي عالمي عدالت پڻ فيصلو ڏئي چڪي آهي، ا??صا?? جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، اسر??ئي?? جي گڏيل قومن جي ميمبرشپ تي جامع نظرثاني ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان کي ??ذم?? کان اڳتي وڌي ڪانفرنس ۾ اٿندڙ آوازن کي عملي شڪل ڏيڻي پوندي، دعاڳو آهيون ته فلسطينين جي آزادي جو سج جلد اڀرندو.