ماسڪو-28 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي روس جي هم منصب ۽ ملڪ جي هيٺين ايوان اسٽ??ٽ ڊوما جي چيئرمين ولوڊن وڪٽورووچ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي پارلياماني ۽ اقتصادي ??اڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان روس سان پنهنجي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي اه??يت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن. سردار اياز صادق اسٽ??ٽ ڊوما جي چيئرمين سان پنهنجي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي روس جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي ان جو ٿورو مڃيو. اسپيڪر سردار اياز صادق ايندڙ اسپيڪر ڪانفرنس ماسڪو ۾ ڪرائڻ جي تجويز پڻ ڏني. اسٽ??ٽ ڊوما جي چيئرمين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي تجويز سان اتفاق ڪيو. اسپيڪر ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ آئنده اسپيڪر ڪانفرنس ۾ واپاري برادري کي به دعوت ڏيڻ جو چيو. اسپيڪر ڪانفرنس جو آئنده اجلاس 2025ع ۾ ماسڪو ۾ ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ رابطن کي مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. روس جي اسٽ??ٽ ڊوما ۽ پاڪستان جي قومي اسيمبلي وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي اه?? معاهدي تي ??حي??ون ڪيون ويون. معاهدي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ اسٽ??ٽ ڊوما جي چيئرمين ??حي??ون ڪيون. معاهدي تحت ٻنهي پارليامينٽ وچ ۾ پارلياماني ڪميٽين ۽ پارلياماني فرينڊشپ گروپس ذريعي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو. اسپيڪر سردار اياز صادق اسٽ??ٽ ڊوما جي چيئرمين ۽ سندس وفد پاران والهاڻو استقبال ڪرڻ ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيا. اسپيڪر پنهنجي روس جي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. اسٽ??ٽ ڊوما جي چيئرمين اسپيڪر جي دعوت قبول ڪندي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ پاڪستان جو پارلياماني وفد ۽ اسٽ??ٽ ڊوما جا ميمبر به موجود هئا. اسٽ??ٽ ڊوما جي چيئرمين اسٽ??ٽ ڊوما آمد تي اسپيڪر ۽ سندس وفد جو شاندار استقبال ڪيو.