ڪراچي-03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپل??پا??ٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلائنڊ ٽي-20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي تي قومي ٽيم کي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته بلائنڊ ٽي-20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابي قوم لاءِ بي پناهه فخر ۽ مسرت جو سبب آهي، رانديگرن جي محنت، لڳن ۽ ناقابل ??ڪست جذبي ثابت ڪيو ته ڪا به رڪاوٽ ناقابل ??بور ناهي، اها ڪاميابي پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن جي صلاحيتن ۽ عزم جو چٽو ثبوت آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ان فتح مان ظاهر آهي ته پاڪستاني قوم هر شعبي ۾ عظمت حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، اميد آهي ته اسان جي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم مستقبل ۾ به ملڪ لاءِ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندي ر??ند??. ه?? وڌيڪ چيو ته پيپل??پا??ٽي خصوصي ماڻهن لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سرگرم عمل رهندي.