ماسڪو-03 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري روس جي ٽرانسپورٽ بابت وزير رومان اسٽارو وائٽ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفن رابطن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. اهي رابطا نه صرف پاڪستان ۽ روس پر سڄي خطي لا??ِ لاڀائتا ثابت ٿيندا. پاور ڊويزن طرفان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري ماسڪو ۾ پاڪستان روس بين الحڪومتي ڪميشن جي نائين اجلاس جي گڏيل صدارت لا??ِ موجود آهن. اويس لغاري پاڪستان ۽ روس وچ ?? وڌندڙ سهڪار کي ساراهيندي ان کي پوري خطي لا??ِ لاڀائتو قرار ڏنو. ٻنهي ??ڳو??ڻن ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪ??ر جي سمور?? منصوبن جنهن ۾ روڊ، ريل ۽ فضائي رابطن جو جائزو ورتو. وفاقي وزير، روس جي وزير کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. ٻنهي ڌُرين رابطن کي جاري رکڻ ۽ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو.