اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان انساني حقن بابت ميٽا جي گلوبل هيڊ ميرينڊا سيسنز ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊجيٽل چائلڊ سيفٽي، آن لائن خدشا ۽ انساني حقن کي هٿي ڏيڻ بابت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??زا??ت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ ”ٽيڪ اٽ ڊائون“ قدمن جي ڪاميابي کي اجاگر ڪيو ويو. جيڪا انساني حقن واري ??زا??ت جي ڀائيواريءَ سان شروع ڪئي وئي هئي. اهي قدم غير اخلاقي ۽ نقصان ڏيندڙ مواد کي محفوظ طريقي سان هٽائڻ ذريعي ٻارن کي آن لائن استحصال کان بچائڻ ل??ءِ تيار ڪيا ويا آهن. ان پليٽ فارم جو اردو ويزن جي شروعات کان ان جي رسائي کي وڌيڪ وسيع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن پاڪستان جي نوجوانن کي فائدو رسي. وفاقي وزير ٻارن جي حقن جي تحفظ ل??ءِ ??زا??ت جي مستقل عزم تي زور ڀريو ۽ سائبر بلنگ ۽ آن لائن استحصال بابت شعور پيدا ڪرڻ ل??ءِ ڊجيٽل تعليمي مهم ۽ عوامي آگاهي وارن پروگرامن جهڙا قدم نمايان آهن. اهي قدم ٻارن جي حفاظت کي يقيني بنائڻ ۽ ڪٽنبن کي ڊجيٽل دنيا ۾ محفوظ طريقي سان رستو ڳولڻ ل??ءِ قابل بنائڻ ل??ءِ ضروري آهن. ٻنهي ڌُرين ڊجيٽل قانونن جي مطابقت کي ميڪانزم جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته جيئن انساني حقن جي معيارن مطابق پاليسيون جوڙي سگهجن، آن لائن نقصانن ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪري سگهجي ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمز کي پاڪستان جي ثقافتي ۽ مذهبي قدرن جي حساسيت جي روشنيءَ ۾ رکي سگهجي. وفاقي وزير ميٽا ۽ مختلف ??زا??تن خاص طور تي آءِ ٽي ??زا??ت ۽ گهرو ??زا??ت وچ ۾ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو ته جيئن انساني حقن جي ڊجيٽل شعبي ۾ محفوظ رکڻ ل??ءِ اثرائتيون پاليسيون لاڳو ڪري سگهجن. ميرينڊ اسيسنز آن لائن پليٽ فارم تي خطرن جي انتظام جي چئلينجن کي تسليم ڪيو ۽ ??زا??ت سان ڊگهي مُدي وارن حل طلب مسئلن تي ويجهي سهڪار ل??ءِ ميٽا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام جي ايڪٽ 2016ع پيڪا کي مضبوط بنائڻ تي به روشني وڌئي ته جيئن ڊجيٽل گورننس جي ڍا??چي کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ آئيني آزادين جو تحفظ ڪري سگهجي.