اسلام آباد– 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مرڪزي بئنڪ پاران پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان معيشت کي سگهه ملندي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيح آهي، معيشت جي ترقي بابت جامع پروگرام جلد شروع ڪنداسين. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي و??يراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي پراڻي ڪارڪن صديق الفاروق جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف جو پراڻو ساٿي هو. وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ صديق الفاروق مرحوم جي مغفرت جي ل??ءِ دعا ڪئي. وزيراعظم ڪرڪ ضلعي ۾ پوليو جي خاتمي جي ل??ءِ ڪم ڪندڙ ٽيم تي حملي کي افسوسناڪ قرار ڏنو جنهن ۾ هڪ پوليو اهلڪار شهيد ۽ هڪ پوليو ورڪر زخمي ٿيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان کانسواءِ دنيا مان پوليو وائرس ختم ٿي چڪو آهي، پوليو جي خاتمي جي ل??ءِ رڪاوٽون پيدا ڪرڻ افسوسناڪ آهي. وزيراعظم پوليو جي خاتمي ل??ءِ ڪم ڪندڙ ٽيمن کي خراج تحسين پيش ڪيو. اجلاس ۾ شهيد پوليو اهلڪار جي مغفرت جي ل??ءِ دعا ڪئي و??ي. اجلاس ۾ يونان ۾ ٻيڙي حادثي ۾ ٻڏي ويندڙ پاڪستانين جي مغفرت جي ل??ءِ پڻ دعا ڪئي و??ي. وزيراعظم ان حادثي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ??ه 2023ع ۾ پڻ اهڙو ئي هڪ بدقسمت حادثو ٿيو هو جنهن ۾ 260 ماڻهو ٻڏي ويا هئا جن ۾ اڪثر پاڪستاني هئا. وزيراعظم چيو ته انساني اسمگلنگ هڪ سنجيده چئلينج آهي، حڪومت انساني اسمگلنگ جي ل??ءِ روڪٿام جي ل??ءِ اهم فيصلا ڪيا هئا. وزيراعظم چيو ته هو جلد لاڳاپيل وزيرن ۽ سيڪريٽرين جو اجلاس گهرائيندو ته جيئن ان حوالي سان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو وڃي ۽ اڳتي جي ل??ءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ پاران پاليسي ريٽ ۾ وڌيڪ 2 سيڪڙو گهٽتائي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تي اچي و??ي آهي جيڪا ڪاروبار، صنعت، زراعت،برآمد ڪندڙن ۽ سيڙپڪارن جي ل??ءِ خوش آئنده آهي، ان سان اسان جي پيداواري صلاحيت وڌندي ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو ۽ اسان جي معيشت مستحڪم ٿيندي. وزيراعظم 2018ع کانپوءِ مهانگائي جي گهٽ ترين سطح تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪندي چيو ته هاڻي اسان جي ل??ءِ هي مناسب وقت آهي ته معيشت کي مضبوط ڪريون، معيشت مستحڪم ٿيڻ جو فائدو کڻندي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ سيڙپڪاري کي فروغ ڏنو وڃي، ان سلسلي ۾ اسان جي تياري مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن جو جلد اعلان ڪنداسين.