اسلام آباد– 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رڪارڊ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 10 سالن ۾ پهريون ڀيرو نومبر 2024ع ۾ پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 729 ملين آمريڪي ڊالرز تي پهچي وڃڻ ملڪي م??يشت جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي، مهانگائي ۽ ناڻي واڌ ۾ ترتيبوار گهٽتائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ اضافو حڪومت جي م??بت معاشي پاليسين جو واضح ثبوت آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ رڪارڊ اضافي ??ان پاڪستان جي عالمي م??اشي م??رڪيٽ ۾ پوزيشن مستحڪم ٿيندي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ??ان پاڪستاني م??يشت ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ حڪومت جي م??اشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو.