اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن وا??ي وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاڪستاني ڄائي آمريڪي پروفيسر مدثر وا??ين سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران تعليم وا??و وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، ايڇ اي سي جو ڊائريڪٽر ڪوالٽي انشورنس ۽ پلانگ ڪميشن جا ميمبر پڻ موجود هئا. پروفيسر مدثر وا??ين جيڪو ڪيليفورني?? ۾ ??والٽي انشورنس جو ماهر ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي آمريڪي بورڊ آف انجينرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي مان مڃيل ??والٽي انشورنس جي اصولن تي روشني وڌي. وفاقي وزير احسن اقبال پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ماهرن جي ملڪ ۾ ترقي وا??ي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته اڏام پاڪستان پروگرام تحت اهڙن ماهرن جي علم ۽ تجربي مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته 2023ع ۾ ايڇ اي سي ۽ برٽش ڪونسل جي سهڪار سان پاڪستاني يونيورسٽين کي تيار ڪيو ويو آهي، ڪوالٽي انشورنس فريم ورڪ نه صرف تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ مثالي آهي پر اهو پاڪستاني تعليمي نظام جي ضرورتن کي پڻ پورو ڪري ٿو. احسن اقبال فريم ورڪ تي اثرائتي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ??ري?? ته جيئن اعلي تعليمي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي.