اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) چيني تعميراتي ڪمپني اوورسيز ريريزنٽيٽيو آفيس يونين جي ڊائريڪٽر لي پنگ، خيبر پختونخواهه جي گورنر فيص?? ڪريم ڪنڊي سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هن خيبر پختونخوا جي گورنر کي سنڌ ۾ اين 5 تي ٿيندڙ تعميراتي ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني. گورنر ڪمپني جي ڪم کي ساراهيندي چشمه ليفٽ ڪينال ۾ به ڪمپني کي حصو وٺڻ ج?? تجويز پي?? ڪئي. هن چيو ته چشمه ليفٽ ڪينال صرف خيبر پختونخوا ئي نه پر ملڪ جو اهم ترقياتي منص??بو آهي جنهن ۾ عالمي معيار جي ڪمپينن جي شموليت ان منصوبي جي جٽادار ۽ ديرپا نتيجن لاءِ انتهائي ضروري آه??. ملاقات ۾ تعميراتي ماهر مشهور ڪاروباري شخصيت شعيب خان به ان سان گڏ هو. جڏهن ته ان کانسواءِ خيبرپختونخواهه جي گورنر فيص?? ڪريم ڪنڊي سان مسلم ايڊ جي هيڊ آف آپريشن آصف چشتي پُڻ ملاقات ڪئي، مُلاقات ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪندڙن کي معاشري ۾ قدر جي نگاه سان ڏٺو ويندو آه??. ڪي پي ڪي ۾ ان حوالي سان سماجي فلاحي تنظيمن جي متحرڪ ڪردار جي ضرورت آه??.