اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر ??حمد اسحاق ڊار ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم آنجهاني ڊاڪٽر ??نموهن سنگهه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراع??م ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ڊاڪٽر ??نموهن سنگهه جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو. پاڪستان جي چڪوال ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ ڊاڪٽر ??نموهن سنگهه هڪ ناليوارو اقتصاديات جو ماهر ۽ سياسي اڳواڻ هو. آنجهاني کي سندس دا??شمندي ۽ نرم مزاجي جي طور تي ياد رکيو ويندو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اقتصاديات جي ميدان ۾ پنهنجي نمايان ڪاميابين کان هٽي ڪري ڊاڪٽر ??نموهن سنگهه علائقائي امن جي فروغ جي لاءِ عزم رکندو هو، علائقائي ??سئلن تي سندس موقف سندس ان يقين جي عڪاسي ڪندو هو ته گڏيل افهام تفهيم، ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون گڏيل ترقي جي لاءِ ضروري آهي. هن بطور وزيراعظم پنهنجي دور ۾ پاڪ ڀارت ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ ذڪر جوڳو ڪردار ادا ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر ??حمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ڊاڪٽر ??نموهن سنگهه جي گهرڀاتين ۽ ڀارتي حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو.