پورٽوپرنس _12 نومبر (اي پي پي) هيٽي جي نئين وزيراعظم ايلڪس ڊيڊيئر فز ايمي پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو ۽ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي بحالي ۽ تشدد کي منهن ڏيڻ جو عزم ڪيو . پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن گذريل ڏينهن پنهنجي ريمار??س ۾ چيو ته اسان جي اولين ترجيح سلامتي کي بحال ڪرڻ آهي جيڪا ڪاميابي جي ضمانت آهي . هن چيو ته هو ملڪ جي مشڪل حالتن کان واقف آ??ي پر ان سلسلي ۾ پنهنجي سموري توانائي ۽ پنهنجون صلاحيتون قومي ڪاز جي خدمت ۾ لڳائيندو . واضع رهي ته رڳو پنج مهينا اڳ نامزد ٿيڻ بعد برطرف وزيراعظم ڪونيل کي 9 رڪني عبوري ڪائونس?? آچر ڏينهن تي برطرف ڪ??ي ڇڏيو هو.