اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا سڄي ملڪ ج?? جيلن ۾ غريب ۽ پيڙهيل قيدين جي قانوني امداد ۽ ڏنڊ جي ادائيگي جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ، جڏهن ته قومي رستن تي سفر کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ جي لاءِ نيشنل روڊ سيفٽي ڪائونسل قائم ڪرڻ، فيڊرل گورنمينٽ ايمپلا??يز فائونڊيشن کي فيڊرل گورنمينٽ ايمپلا??يز هائوسنگ اٿارٽي بڻائڻ، ڪامسيٽس يونيورسٽي جي داخلا ۽ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ، هوابازي جي شعبي سروسز ۽ ريگيوليشن کي جدا ڪرڻ، انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن ۽ عورتن جي حقن بابت قومي ڪميشن ۽ نيشنل ڪميشن آن اسٽيٽس آف وومين جي چيئرمين جي مقرري جي لاءِ مناسب اميدوار جي چونڊ جي لاءِ اشتهار ڏيڻ، عمران ناصر خان کي پاڪستان ايگريڪلچرل اسٽوريج اينڊ سروسز ڪارپوريشن کي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ندا رضوان کي انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (نيڪا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، رانا عبدالجبار خان کي الٽرنيٽ انرجي ڊولپمينٽ بورڊ ج?? چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا بلوچستان ۽ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن ۽ راولپنڊي ۾ تربيتي جهاز حادثي ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي.