لاهور – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ٻڌا??و ويو آهي ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ 24 ارب روپين جي سيڙپڪاري ٿي، ايندڙ مهيني منصوبي جي وڌيڪ 7 ترقياتي سائيڊز جي نيلامي سان اربين روپين جي سيڙپڪاري متوقع آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب لاهور دوري جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي لاهور ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران وزيراعظم عمران خان کي ٻڌا??و ويو ته منصوبي جي پهرين فيز ۾ 24 ارب روپين جي سيڙپڪاري ٿي، منصوبو لاهور جي وچ ۾ عالمي معيار جو ڪاروباري مرڪز ۽ رهائش جون سهولتون فراهم ڪندو، ان کانسواءِ ماحولياتي تحفظ، گرين روف، اربن پارڪس ۽ برساتي پاڻي کي ذخيرو ڪري استعمال ۾ آڻڻ جهڙا قدم به منصوبي جو ??صو آهن. ايندڙ مهيني منصوبي تحت وڌيڪ 7 ترقياتي سائيڊز جي نيلامي سان اربين روپين جي سيڙپڪاري متوقع آهي، بريفنگ ۾ ٻڌا??و ويو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي پڄاڻي سان نه رڳو روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري وڌندي پر ملڪ ۾ 15 سئو ارب روپين جو ??ضافو ٿيندو، ان کانسواءِ منصوبي ?? باب پاڪستان منصوبي جي پڄاڻي ۽ والٽن ايئرپورٽ جي منتقلي به شامل آهي، ان موقعي تي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اسد عمر، شفقت محمود، وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اط??اعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، سي اي او سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ عمران امين، اين اي پي ايڇ ڊي اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن ۽ فيز ون جي سيڙپڪارن شرڪت ڪئي.