اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو آهي ته ڌرڻي جا ڪارڪن ميدان ۾ جڏهن ته اڳواڻ بسترن ۾ آهن، اهو کليو تضاد آهي، عالم د??ن جو ڪم اصلاح هوندو آهي ڪنهن جي ذات تي گند اڇلائڻ ناهي هوندو، مولانا فضل الرحمان سياسي ميدان ۾ مذهبي ڪارڊ استعمال ڪري رهيو آهي، پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ??يو ته حڪومت طرفان ڳاله??ن جا دروازا کليل آهن، حڪومت معاشي محاذ، آئيني ادارن، عدالتي سڌارن، سياسي سڌارن ۽ معاشي سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي.