لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ هيموفيليا جو قانون بڻجي چڪو آهي، ان کي وفاق ۽ پنجاب جي سطح تي ??ه متعارف ڪرائينداسين ته جيئن مرض کي روڪڻ جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي لاءِ معاشري ۾ مهم شروع ڪئي وڃي، ح??ومت 192 ارب رپين جي وڏي رقم سان احساس پروگ??ام متعارف ڪرايو آهي، سُندس فائونڊيشن کي به احساس پروگ??ام جو حصو بڻايو ويندو، ح??ومت هيموفيليا جي مرض ۾ ورتل پڙهيل لکيل مريضن جي لاءِ سُندس جاب بئنڪ ٺاهيندي جنهن تحت انهن کي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي نوڪريون ڏنيون وينديون. هو سُندس فائونڊيشن ۾ ناليواري صحافي ڪا??م نگار منو ڀائي جي ٻي ورسيءَ جي موقعي تي ??قريب کي خطاب ڪري رهي هئي.