اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) بالاڪوٽ حملي کانپوءِ ڀارت جي ٻن جهازن کي ڪيرائڻ ۽ پائليٽ کي گ??فتار ڪرڻ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان ”فتح نه ٿيڻ جوڳو عزم“ جي عنوان سان دستاويزي فلم جاري ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪ فوج پيشيواراڻي صلاحيت ۽ جديد ترين ٽيڪ??ال??جي سان واڳيل وسيلن کي استعمال ڪندي ملڪ کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ??ندي رهندي، پاڪستان جي دستاويزي فلم ذريعي حقيقتون دنيا آڏو رکي ڀارتي ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه کي پڻ شڪست ڏئي ڇڏي آهي، 27 فيبروري تي پاڪ فضائيه جي جوابي ڪارروائي اسان جو فخر آهي، پوري قوم اڄ اربع ڏينهن فخر سان فتح جو ڏينهن ملهائيندي، پاڪ فضائيه 27 فيبروري تي سرپرائز ڏئي ڀارت کي شڪست ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران تيار ڪي?? فتح نه ٿيڻ جوڳو عزم جي عنوان سان دستاويزي فلم جاري ڪرڻ جي موقعي تي وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته امن جي خواهش پاڪستان جي قومي بيانيي جو بني??دي حصو آهي، ڀارتي قيدي پائلٽ جي آز??دي به امن جي خواهش جو اظهار هو.