اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو پاڪستان کي تيز ترين تع??ير ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪندو، پاڪستان جو معاشي مستقبل سي پي?? جي جاري منصوبن جي تڪميل سان ڳنڍيل آهي، هو آزاد پتڻ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي چيني ڪمپني گيزوبا سان معاهدي تي صحيحن جي تقريب جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. 700 ميگاواٽ جي آزاد پتڻ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي تع??ير لاءِ چين جي گيزوبا گر??پ سان معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون