اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپي??ر اسد قيصر چيو آهي ته استاد جو معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار وڏي اهميت رکندڙ آهي، تدريس ??هو مقدس پيشو آهي جيڪو الله تعاليٰ پنهنجي نبين کي انسانيت جي ڀلائي لاءِ عطا ڪيو. خاتم النبين حضرت محمد ﷺاستادن جي عزت ۽ احترام کي لازمي قرار ڏ??و آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو هر سال 5 آڪٽو??ر تي گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي.