اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ غير ضروري قاعدن جو خا??مو?? ٽيڪس جي نظام ۾ بهتري ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي ملڪ جي مشهور صنعتڪارن ?? ڪراچي جي ڪاروباري تنظيمن جي نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، وفد ۾ ميان انجم نثار، شارڪ وهرا، سليم الزمان، فيصل معيض، محمد علي، عبدالحادي، نويد شڪور، انجنيئر نثار، اجمل افضل ۽ زبير باويجه شامل هئا. ان موقعي تي ??نڌ جي گورنر عمران اسماعيل، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جو واپار وارو ??لا??ڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو ??لا??ڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ??لا??ڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين ، ايف ??ي آر جو چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر به موجود هئا. وفد جي ميمبرن ڪراچي پيڪيج، ملڪ ۾ صنعتي ??مل خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي فروغ جي حوالي سان حڪومتي پاليسين ۽ قدمن کي ساراهيو، وفد ڪاروباري برادري کي درپيش مشڪلاتن کان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو.