ڪوئيٽا – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول ڊاڪٽر ثمينه عارف علوي چيو آهي ته عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر هڪ سنجيده مسئلو آهي، جيڪڏهن ان جي بروقت سڃاڻپ ٿي وڃي ته ان مرض جي پيچدگين کان بچي سگ??ي ٿو، ضروري آهي ته ان آگاهي کي صرف آڪٽوبر جي مهيني تائ??ن ئي محدود نه رکيو وڃي پر مسلسل عورتن ۽ ڇوڪرين کي ان مرض جي باري ۾ شعور ڏيندا رهون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ منعقد تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو.